SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


دخلڪار رياست


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


دخلڪار رياست

Penetrated State

پينيٽريٽيڊ اسٽيٽِ

اڄوڪي دور ۾ بين الاقوامي تعلقات جي اهميت کي ڏسندي، هر ملڪ مخصوص معاشي، سياسي، تعليمي، فوجي ۽ معاشرتي معاملن کي هلائڻ لاءِ ڪن ادارن يا ٻين ملڪن کي اجازت ڏيندو آهي ته اُهي طئي ٿيل حدن تائين دخل ڏيندي سندس سهائتا ڪن. هن وقت دنيا ايتري قريب ٿي چُڪي آهي جو ان ۾ تقريبن ناممڪن ٿي چڪو آهي، ته ڪو به ملڪ ٻين ملڪن يا ادارن کي پنهنجي پاليسن/ترجيحن جي حاصلات ۾ هٿ ونڊائڻ کان منع ڪري، ڇاڪاڻ ته بين الاقوامي سرشتو هڪٻئي جي ضرورتن کي سمجهڻ ۽ مناسب نموني سهڪار جي اصول تي بيٺل آهي. مثال طور: اوڀر يورپ ۾ سربيا ۽ ڪوسوو جي وچ ۾ ٿيل تڪرار دوران يورپي يونين 2008ع جي شروع ۾ فوجي مداخلت ذريعي بحران حل ڪري ڪوسوو کي آزادي ڏياري. بعد ۾ ڪوسوو جي سرڪار يورپي يونين جي ميمبرشپ وٺي، يونين کي اها به اجازت ڏني ته اها ڪوسوو ۾ مُختلف شعبن ۾ سڌارن ۾ سهڪار سميت بين الاقوامي معاملن ۾ سندس مدد ڪري . پنهنجي ڪامياب حڪمت عملي سبب اڄ تائين به ڪوسوو جي هر پاليسيءَ جي جوڙجڪ ۾ يورپي يونين پنهنجوطئي ٿيل ڪردار ادا ڪندي رهندي آهي


Remember Me Also:

خصوص

صفت. ظرف. [ع. خَص = هن خاص بنايو] خاص ، خاص ڪري ، خاص طرح ، خصوصا ، تاڪيد سان.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal